ڪراچي(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ، بشام جوکيو، ممتاز جوڻيجو، غلام مصطفيٰ ڪلوئي) سامونڊي طوفان بپر جوائي پاڪستان ۽ ڀارت جي سامونڊي ڪنارن طرف وڌي رهيو آهي پر هاڻي ان جي رفتار گهٽجي 6 کان 8 ڪلوميٽر ٿي وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان بپرجوئي جي شدت ۾ هڪ درجو گهٽتائي آئي آهي.

طوفان جي مرڪز تي هوائن جي رفتار 110 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي. طوفان اڄ رات ڪنهن وقت ڀارتي رياست گجرات جي جاکائو پورٽ واري علائقي ۽ ڪيٽي بندر سان ٽڪرائيندو، جتي طوفان جا اثر نمايان ٿي چڪا آهن، سمنڊ ۾ چاڙهه آهي، لهرون اونچيون آهن، ڪيٽي بندر، ڳاڙهو، گهوڙا ٻاري، کارو ڇاڻ، جاتي ۽ بدين جي زيرو پوئنٽ سميت مختلف علائقن ۾ تيز هوائن ۽ برسات جو سلسلو جاري آهي. سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر کان 120 ڪلوميٽر پري آهي.

ڀارت ۾ طوفان جو لينڊ فال شروع
ڀارتي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته رياست گجرات جي سوراشٽرا ۽ ڪڇ ۾ زميني طوفانن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، سامونڊي طوفان ڪجهه دير ۾ جاکائو بندرگاهه سان ٽڪرائيندو، گجرات جي ساحلن تي طوفان جو اثر رات دير تائين جاري رهندو، طوفان جو مرڪزي حصو ڪراچي ۽ مانڊوي جي وچ ۾ جاکائو بندرگاهه جي ويجهو سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائيندو، طوفان عربي سمنڊ ۾ جاکائو بندرگاهه کان 70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي ۽ 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
https://www.instagram.com/p/CtcZ-nKLven/
سامونڊي طوفان کان متاثر گجرات جي دوارڪا علائقي ۾ تيز هوائن سان برسات تباهي مچائي رهي آهي جنهن سبب ڪيترائي وڻ، بجلي جا ٿنڀا ۽ اشتهاري بورڊ پٽجي ڪري پيا آهن.
ڪيٽي بندر جي صورتحال
هوائون تيز ٿي ويون آهن، بجلي جا پول ۽ وڻ ڪري پيا آهن، دوڪانن جا ڇپرا، ڪچن گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون آهن. سائڪلون بيپر جوائي ڪيٽي بندر جي جيئن جيئن ويجهو اچي پيو تي هوائن ۽ بارش ۾ به تيزي پئي اچي.

سمنڊ ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي سامونڊي ويرن جي اونچائي ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، ڪناري تي بيٺل ٻيڙين کي به نقصان پهتو آهي. طوفان سبب مڪلي، ٺٽي، بدين، حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات ٿي آهي. سنڌ حڪومت موجب صوبي جي امڪاني متاثر علائقن مان 78 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيٽي بندر شهر کي مڪمل طور خالي ڪرايو ويو آهي، بدين ۾ زيرو پوائنٽ کي مڪمل طور خالي ڪرايو ويو آهي ۽ ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.
طوفان جا ڪراچي تي اثر
سامونڊي طوفان ڪراچي کان 200 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، جنهن جا اثر ڪراچي جي ساحلن تي به نظر اچي رهيا آهن. تيز هوائن سبب شهرين کي سمنڊ جي ڪناري تي وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. ساحلي علائقا جن ۾ پڪنڪ پوائنٽس، سمنڊ جو نظارو، دو درياهه ويران ٿي ويا آهن.

مبارڪ ڳوٺ جو ساحل، هڪ تفريحي علائقو، پڻ تيز لهرن جي منهن ۾ آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ هلڪي برسات پئي. طوفان جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، دادو سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.
انتظاميا ۽ فوج هاءِ الرٽ
سول انتظاميا ۽ پاڪ فوج 97.4 سيڪڙو آبادي کي امڪاني طور متاثر علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي طوفان گذرڻ تائين هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. بدين، سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ 76 هزار 925 ماڻهن کي 44 رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ملير ۽ حيدرآباد ۾ اضافي فوجين کي اسٽينڊ بائي رکيو ويو آهي، ڪور ڪمانڊر ڪراچي جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج، رينجرز، نيوي، اين ڊي ايم اي ۽ سموريون سول انتظاميه منتقلي جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي ڪريڊٽ جي مستحق آهي.
Affected shifted in Badin’s school










