ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي طرفان سنڌ ۾ هارين جي حقن جي صورتحال بابت سالانه رپورٽ جي پڌرائي پريس ڪلب ڪراچي ۾ ٿي جنهن ۾ هارين، مزدورن انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي نيشنل ھيومن رائٽس ڪميشن جي ميمبر انيس هارون، سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن جي چيئر پرسن اقبال احمد ڌيٿو، هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر اڪرم خاصخيلي، مھناز رحمان، پيپلز ليبر بيورو جي صدر حبيب جنيدي، پروفيسر ڊاڪٽر رياض شيخ، صحافي سھيل سانگي، ايچ آر سي پي جي وائس چيئرپرسن قاضي خضر، اسحاق سومرو، فدا بلوچ ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ جاگيرداري نظام اڳ کان وڌيڪ مظبوط ٿي آهي جنهن جي ڪري سنڌ ۾ هارين جي حالت بدتر ٿيندي پئي وڃي. ملڪ ۾ موجوده معاشي بحران ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر هاري ۽ مزدور ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ هارين جي حقن بابت جوڙيل قانونن تي عمل درآمد نه ڪرائڻ جو وڏو سبب اسيمبلي ۾ جاگيردارن جو هجڻ آهي، هن وقت سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي جنهن ڪري سنڌ جا فصل تباہ ٿي رهيا آهي. رپورٽ مطابق سنڌ ۾ جبري مشقت جو شڪار هارين ۽مزدورن جي صورتحال انتهائي خراب آهي سال 2023 ۾ 981 هارين ۽مزدورن کي جاگيردارن ۽ بٺا مالڪن جي نجي جيلن مان عدالتي حڪمن تحت آزاد ڪرايا ويا آهن جنهن ۾ 314 ٻار ۽ 332 عورتون شامل آهن. سنڌ ۾ جبري مشقت جي خاتمي بابت جوڙيل قانون سنڌ بانڊيڊ ليبر سسٽم ايبوليشن ايڪٽ 2015 تي عمل درآمد نه ٿي سگهيو آهي ان قانون تحت سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ ويجيلنس ڪميٽيون قائم ٿيڻيون هيون پر ھن وقت تائين اھي ڪاميٽيون فعال نھ ٿي سگھيون آھن. رپورٽ مطابق سال 2013 کان 2023 تائين سنڌ ۾ 12 هزار هڪ سئو سورنھن هارين ۽مزدورن کي عدالتي حڪم تي نجي جيلن مان آزاد ڪرايو ويو. هارين جي حقن بابت جوڙيل قانون سنڌ ٽيننسي ايڪٽ 1950 تي اڃان تائين عمل در آمد نه ٿي سگهيو آهي جنهن جي ڪري لکين هاري پنهنجي حقن کان محروم آهن، جاگيردار ۽ وڏيرا انهن جو استحصال ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب هارين جي ٻار تعليم کان محروم آهن صحت ۽ زندگي ٻين سهولتن کان محروم آهن. سنڌ ۾ اڃا تائين زرعي مزدور ۽ بٺا مزدور کي ڪاب سوشل سڪيورٽي حاصل ناهي جڏھن ته هارين ۽مزدورن کي سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار نه پئي ملي. جڏھن ته بٺا مالڪ ۽ جاگيردار 6 کان 8 هزار ماهانا اجرت ڏئي رهيا آهن. سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ 2014 جي قانون تحت زرعي مزدورن کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي يونين ٺاهي سگهندا. مگر ليبر ڊپارٽمينٽ جي مشڪل طريقڪار جي ڪري هارين ۽ مزدورن کي يونين ٺاهڻ ۾ سخت دشواريون درپيش آهن.










