اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالي سال جي ڇهه ماهي ۾ سڀ کان وڌيڪ ليوي ڪليڪشن ظاهر ڪئي وئي آهي.سرڪاري دستاويزن موجب، هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهي ۾ سالياني بنيادن تي پيٽروليم ليوي جي ڪليڪشن ۾ 273.51 ارب رپيا واڌ ٿي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ ۾ پيٽروليم ليوي جي طور تي 822.93 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل مالي سال جولاءِ کان ڊسمبر 2024 ۾ پيٽروليم ليوي جي ڪليڪشن 549.41 ارب رپيا هئي. گذريل مهيني، وفاقي حڪومت پيٽرول تي ليوي 4.65 رپيا وڌائي 84.27 رپيا في ليٽر ڪئي هئي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 80 رپيا وڌائي 76.21 رپيا في ليٽر ڪئي هئي.هلندڙ مالي سال جي پهرين اڌ ۾، وفاقي حڪومت ڪاربن ليوي جي طور تي 25.48 ارب رپيا گڏ ڪيا.










