خانواهڻ(ن سنڌيار)سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري جنهن جي صدارت سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ سرمد عباسي کي ارپي وئي.گڏجاڻي جا مهمان خاص شاخ خانواهڻ جو سيڪريٽرر پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي ۽ سينئر شاعر ۽ اديب غفور سحر هئا.گڏجاڻي ۾ غفور سحر غزل ، عاجز امتياز نوح پوٽو غزل ، سرمد عباسي ڪھاڻي . نديم انڙ غزل ، عزيز ڀنڊ گيت ، مسرور الطاف نوح پوٽو وائي پيش ڪيا جنهن تي پرفيسر ذولفقار علي جلباڻي، امتياز مري . استاد ظفر علي سومرو ۽ ٻين پنهنجا اصلاحي رايا ڏنا .گڏجاڻي ۾ جاويد مڪاح . سجاد احمد نوح پوٽو ، ڪامران سهتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي










