سارين جي اگھ ۾اضافو ڪري هارين سان انصاف ڪريو

ليکڪ  عبدالمجيدبروهي  هن وقت وفاقي حڪومت نه ڄاڻ ڪهڙن خيالن ۾ گم آهي هن کان هر شيء وسري وئي آهي هنن جيڪي هارين آبادگارن سان وعدا ڪيا هئا پڻ هي وساري چڪا آهن سياسي طور هنن ٻن سالن ۾ هي وفاقي حڪومت مڪمل طور تي نااهل ۽ ناڪام بڻجي چڪي آهي  هن وقت تائين هنن جي طرز حڪمراني مان اپوزيسن وارا ملڪ جو عوام ته مايوس آهي پر هنن جا پنهنجا ساٿي ۽ هنن جي پي ٽي آء جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پڻ مايس آهن هنن جي حڪمراني مان  عوام وٽ هنن جو گراف ڏينهون ڏينهن ڪرندو پيو وڃي هن وقت تائين مختلف ادارن جا ملازم هنن خلاف روڊن تي  نڪري چڪا آهن جيڪي ڪنهن به پارٽي ۽  سياسي اڳواڻ جي پٺڀرائي بنا پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي هنن حڪمرانن مان بيزاري نامو ڏيکااريندا پيا اچن پي تي اء حڪومت پنهنجي منشور ۾ جيڪي واعدا ۽ منشور ۾ جيڪو ڪجھ لکيو هيو انهن مان هي سڀني تان ڦري ويا آهن  هنن پنهنجي منشور ۾ لکيو هيو ته سائينجن ملڪ جي عوام کي قرضن مان نجات ڏراريندا ۽ ملڪ جي هارين ۽ آبادگارن کي خوشحال ڪندا سندن جا قرض معاف ڪندا  زمينن تي لڳندڙ ٻيڄاري ۽ يوريا ڀاڻ ۽ ڊي اي پي ڀاڻ تي  ۽ زرعي دوائن تي کين سبسڊي ڏيندي هارين ۽ آبادگارن کي  سستي اگھ تي زرعي آلات ٽريڪٽر ۽ مشينون ڏياريندا  پر اهي سڀ واعدا وفا هن وقت تائين سندن جا نـ  ٿي سگھيا ويتر ئي يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جي اگھن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي  هاڻي جيڪي واعدا وفاقي حڪومت پنهنجي چونڊ منشور ۽ ان کان اڳ ويهن سالن تائين رڙيون ڪندي چوندا هيا ته اسان حڪومت ۾ اچي هارين کي سڀني کان وڌيڪ رليف مهيا ڪنداسين  هاڻي وقت اچي چڪو آهي ٽن سالن کان پي ٽي اء وارا هن ملڪ تي حڪمراني ڪري رهيا آهن پر هن وقت تائين انهن هارين کي ڪوبه رليف ناهي ڏنو وفاقي حڪومت ۽ انجا صوبائي حڪمران جن ۾ پنجاب صوبو ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ پڻ پي ٽي آء سندس اتحادين جي حڪومت آهي ان باوجود ھن وقت تائين ھارين لاء ڪوبـ ريليف پيڪيج آڻي ناھن سگھيا.  هن وقت سارين جو فصل  پچي تيار ٿي چڪو آهي جنهن سبب هاري ۽ آبادگار اهو مطالبو ڪن ٿا هن وفاقي حڪومت کان ته اهي فوري طور تي سارين جو امدادي اگھ پڻ مقرر ڪن  ڇو ته هن وقت مقامي  سارين جا ڊيلر ۽ واپاري هارين ۽ آبادگارن کان پنهنجي مرضيء جو ريٽ مقرر ڪري  کين لٽي رهيا آهن جنهن سبب هارين کي فائدي بجاء ڪافي نقصان پئجي رهيو آهي هتان جا مقامي واپاري هڪ منظم سازش تحت هڪ هٽي قائم ڪندي  پاڻ  ۾ اتحاد قائم ڪري  هر روز سارين جي اگھ کي گھٽ ڪري رهيا آهن هاري آبادگار ٻڏتر جو شڪار آهن ته آخر هو ڪن ته ڇا ڪن اگر ساريون وڪرو ڪن ٿا ته کين لکين روپين جو نقصان ٿئي ٿو اگر نٿا ڪن ته پوء قرضدار انهن جي درن تي اچي کين گهٽ  وڌ ڳالهائي هليا ٿا وڃن  انهن سان به منهن ڏئي اگر اهي ساريون وڪرو ڪرڻ بجاء اسٽور ڪري رکن به ٿا ته کين  ڪير پڪ ڏياري ته ڪجھ ڏينهن کانپوء اگھن ۾ اضافو ڪيو ويندو  ان لاء جهڙي طريقي سان ڪڻڪ جي امدادي اگھ  ۾ اضافو ڪيوـويو  ان ئي طريقي سان سارين جي امدادي اگھ ۾ بنا دير اضافو ڪري في مڻ 2000 ھزار روپيا مقرر ڪري ھارين ۽ آبادگارن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي  ڇو تـ هن وقت سارين جو فصل مارڪيٽ م اچي چڪو آهي تمام ضروري آهي ته حڪومت فورن سارين جي امداي اگھ ۾ پڻ اضافو ڪندي سارين جي امدادي سرڪاري اگھ جو اعلان ڪيو وڃي ته ڪافي بهتر ٿيندو ان سان هاري هنن مقامي لالچي منافعي خور واپارين هٿان لٽجڻ کان بچي سگھندا ۽ انهن کي اهي مقامي سارين جاواپاري پوء مجبور ٿي مناسب اگھ سندن کي سارين جو ڏيندا اگر امدادي اگھ مقرر نه ٿيو ته پوء اهي واپاري هر روز هارين کي  اهو چوندا ته مٿان کان چانورن جو ريٽ گھٽ ٿيو آهي تنهنجي ڪري هڪ ته اسان هن وقت ساريون خريد نٿا ڪريون پر ڇو ته توهان اسان جا پراڻا گراهڪ آهيو ان جي لاء اسين توهان کان ساريون ته وٺون ٿا پر يار اگھ هيترو توهان کي ڏينداسين ۽ پيسا به هڪ ٻن مهينن کان پوء ڏينداسين اوهان کي  ها اوهان جي سارين ۾ موسچر به وڌيڪ آهي ان جي لاء في مڻ ته ٻه کان ٽي ڪلو ڪٽوتي پڻ ڪنداسين اهو هاري ويچارو جيڪو ڪنهن مجبوري سبب پنهنجيون ساريون ڪارخاني تي اڻيندو آهي اهو سوچيندو آهي ته هيڏو خفو ڪري ٽريڪٽر جو ڪرايو ڀري مزدوري ڀري  ڪانٽي جا پيسا ڀري ساريون ڪارخاني تائين کڻي آيو آهيان هاڻي ڇا ڪيان ڪيئن واپس وڃا ان لاء اهو مجبور هاري ان واپاري وٽ ساريون ڀڳڙن مٺ برابر اگھ تي  کيس  ڏئي هٿين خالي واپس هليو ويندو آهي   هارين جي ڀلائي لاء ٺهندڙ ادارا ۽ اين جي اوز پڻ  هن وقت هارين لاء ڪجھ به نه ڪري سگھيا آهن هارين جي ڀلائي لاء ڪم ڪندڙ اهي فلاحي ادارا  هن وقت ڪٿي به نظر نٿا اچن   ھن وقت واپاري هر روز اگھ ۾ ڦير ڦار ڪري غريب هارين سان ظلم ڪري رهيا آهن  وفاقي حڪومت سميت صوبائي حڪومت جو پڻ اهو فرض آهي ته اهي مقامي سطح تي مانيٽرنگ سيل جوڙي  اهڙن واپارين مٿان نظر رکن جيڪي موسچر جو بهانو بڻائي  هارين کان في مڻ تي ٻه کان ٽي ڪلو ڪٽوتي ڪن ٿا ۽ هر روز اگھن ۾ ڦير ڦار ڪري پاڻ ته پرائي پيسي تي ڪروڙ پتي بڻجي وڃن ٿا پر جن محنت ڪري انهن تائين ساريون پهچايون آهن اهي ويچارا هاري وڌيڪ قرضدار بڻجي وڃن ٿا اهڙن واپارين کي پڻ ڪن مهٽ ڪري کين پابند ڪيو وڃي ته اهي نه ڪٽوتي ڪن ۽ نه ئي پنهنجي مرضي سان اگھن ۾ ڦير ڦار ڪن اگر انهن ڳالهين تي واپاري عمل نه ڪن ته پوء سندن جا لائسنس ڪئنسل ڪري سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو