سارا انعام قتل ڪيس، شاهنواز جي ماءُ جي عبوري ضمانت ۾ 3 آڪٽوبر تائين واڌ

سارا انعام قتل ڪيس، شاهنواز جي ماءُ جي عبوري ضمانت ۾ 3 آڪٽوبر تائين واڌ

اسلام آباد(بيورورپورٽ)سارا انعام قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهنواز جي ماءُ جي عبوري ضمانت ۾ 3 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ساره انعام قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار جي ماءُ پنهنجي وڪيل ارسل امجد هاشمي سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.جاچ آفيسر رڪارڊ ايڊيشنل سيشن جج شيخ محمد سهيل جي عدالت ۾ پيش ڪيو.وڪيل ارسل امجد هاشمي چيو ته 23 سيپٽمبر تي 12:37 وڳي جوابدار واٽس اپ ميسيج ڪيو، ميسيج ۾ شاهنواز والده کان پڇيو ته ساره جي گهرواري کان ڌار ٿيڻ بابت ڳالهايو.وڪيل عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته ان کانپوءِ جوابدار جي ماءُ سمهي پئي، کين خبر ناهي ته رات ڇا ٿيو، جوابدار جي ماءُ باورچی خانه ۾ هئي ۽ باورچی خانه ان ڪمري کان پري آهي جتي واقعو پيش آيو. وڪيل ارسل امجد هاشمي موجب جوابدار صبح 9 لڳي 12 منٽن تي پنهنجي ماءُ کي فون ڪيو جڏهن هوءَ واقعي واري هنڌ پهتي، جوابدار جي ماءُ جو ڪردار صرف ايترو هو ته هوءَ شاهنواز جي ڪمري ۾ ويٺي ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو.ارسل امجد هاشمي وڌيڪ چيو ته اسلام آباد پوليس فارم هائوس تي آئي ۽ مرڪزي جوابدار شاهنواز کي گرفتار ڪيو، ان موقعي تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان جيڪي ڪالز اٽيچ ڪيون آهن انهن جي رڪارڊ ۾ ڪالون مليون آهن؟ وڪيل ارسل امجد هاشمي چيو ته ڪال 9 لڳي 12 منٽن تي ۽ واٽس ايپ تي 12 لڳي 37 منٽن تي ڪال آئي.جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته ساره انعام جي گهرواري به ڪئناڊا مان آئي آهي ۽ اڄ پوليس کي بيان رڪارڊ ڪرائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو