سائنسدانن جي حيرت انگيز ايجاد، مصنوعي غذا تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ غذائي کوٽ هميشه بحث جو وڏو موضوع رهيو آهي ۽ سائنسدان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ سميت مصنوعي طريقا به ڳوليندا رهندا آهن. اسرائيل ڪيميڪل سان مصنوعي گوشت ايجاد ڪيو پر اسين اڄ اوهان کي اهم ايجاد بابت ٻڌائينداسين. فن لينڊ جي هڪ ڪمپني بجلي پاڻي ۽ هوا مان کاڌو تيار ڪرڻ جو طريقو ايجاد ڪري ورتو آهي. سولر فوڊز نالي ڪمپني پروٽين سان ڀرپورغذا ٺاهڻ جو هڪ انوکو طريقو ايجاد ڪيو آهي جنهن جي مدد سان ايندڙ سالن ۾ پروٽين جي کوٽ جو عالمي مسئلو حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ان طريقي سان غذا ٺاهڻ جي لاءِ رڳو هوا، پاڻي ۽ بجلي جي ضرورت پوندي، جڏهن ته بجلي جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ سج جي روشني جي مدد وٺي سگهجي ٿي ته جيئن اهو سڄو طريقو ماحول دوست رهي. ان طريقي سان تيار ٿيل غذا کي سولين جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو سولوپروٽين مان ورتو ويو آهي. پروٽين ٺاهڻ جي اها نئين ٽيڪنيڪ وڏي حد تائين اهڙي عمل سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جو گهڻو استعمال شراب ٺاهڻ واري صنعت ۾ ڪيو ويندو آهي. سائنسدانن موجب پهرين مرحلي دوران پاڻي مان بجلي گذاري هائڊروجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي بوڻيا خارج ڪرايا ويندا آهن، پوءِ ان ۾ جيئرا خوردبين جاندار (مائڪروبز) شامل ڪيا ويندا آهن، جيڪي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ پاڻي ۽ هوا کي گڏ استعمال ڪندي مختلف قسمن جا پروٽين ٺاهيندا آهن ۽ اهي هڪ محلول جي شڪل ۾ هوندا آهن. آخري مرحلي ۾ اهو محلول خشڪ ڪيو ويندو آهي، سفوف (پائوڊر) جي صورت ۾ ان ۾ پروٽين رهجي ويندا آهن، خشڪ حالت ۾ سولين جو 50 سيڪڙو حصو پروٽين تي مشتمل هوندو آهي جڏهن ته اهو ڏسڻ ۽ کائڻ ۾ ڪڻڪ جي اٽي وانگر محسوس ٿيندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو