سائنسدانن انساني گوشت مان خوفناڪ ڌاڳو تيار ڪري ورتو

پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي ماهرن انساني گوشت مان هڪ خوفناڪ قسم جو ڌاڳو تيار ڪري ورتو آهي، جنهن کي هو انساني ٽيڪسٽائيل به چون ٿا.  فرينچ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل ريسرچ جي محققن جو چوڻ آهي ته هن ڌاڳي ذريعي سرجن آپريشن بعد زخمن کي سِبڻ لاءِ ٽاڪا لڳائي سگهندا. انساني کل جي سيلز يعني خلين مان تيار ٿيندڙ هن ڌاڳي بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته هن سان زخم جلدي ڀرجي ويندو ڇو ته زخم کي ڀرڻ ۾ جسم جو مدافعتي نظام يا اِميون سسٽم هن سان متاثر نٿو ٿئي، جيڪو ٽاڪا لڳائڻ ۾ استعمال ٿيندڙ ٻين مصنوعي ڌاڳن جي استعمال سان متاثر ٿئي ٿو. فيوچرزم  ڊاٽ ڪام جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماهرن موجب هي بايولوجيڪل ٽشوز جي انجنيئرڊ پروڊڪٽس لاءِ نئين جنريشن جي جديد نمائندگي آهي. هن ڌاڳي کي کل ۽ زندهه عضون جي پيوندڪاري ۾ به استعمال ڪري سگهجي ٿو. هي ڌاڳو تيار ڪرڻ لاءِ سائنسدان انساني جسم جي کل جي ٽشوز کي شيٽ جي پٽين ۾ ڪٽين ٿا جنهن بعد ان کي گهرج موجب مختلف سنهن يا ٿلهن ڌاڳن جي صورت ۾ اُڻين ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن مهل تائين هو ڪوئن ۽ رڍ جي زخمن کي سبڻ لاءِ هي ڌاڳو استعمال ڪري چڪاآهن ۽ان جا بهترين نتيجا کين مليا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو