ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر چيو آهي ته سائفر ليڪ بابت ٻڌو هو، سنڌ ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي.ڪراچي ۾ نور الحق جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 22 سيپٽمبر تي سڄي پاڪستان ۾ ايم ڊي ڪيٽ جا امتحان ٿي رهيا هئا، صوبائي حڪومت جي نااهلي سبب هزارين شاگرد سخت مشڪلاتن مان گذري رهيا آهن. منعم ظفر چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر گذريل سال به ٻه ڀيرا ورتو ويو، هن چيو ته ڪراچي جا روڊ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن، مرتضيٰ وهاب چوي ٿو ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو، سنڌ جو وڏو وزير ٻڌايو ته جيڪڏهن سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ شهر مسئلن کي منهن ڏئي ٿو ته ذميوار ڪير آهي؟










