زڪوات نه ملڻ خلاف معذورن جو احتجاج، روڊ بلاڪ

زڪوات نه ملڻ خلاف معذورن جو احتجاج، روڊ بلاڪ

دادو(ن سنڌيار)دادو ۾ معذور ڪوٽا ۽ زڪوات جي رقم ٽن سالن کان نه ملڻ تي معذور روڊن تي نڪري آيا لالا اعظم پٺاڻ، سرور چانڊيو، جاويد سولنگي، محرم سولنگي، شمن سيال، شعبان آَرائين، حبيب سومرو، اقبال مستوئي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو سنڌ سرڪار پاران 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا تي عمل ڪرائي معذورن کي نوڪريون ڏنيون وڃن گذريل ٽن سالن کان زڪوات جي رقم معذورن کي ڏيڻ بدران ڪامورا زڪوات جي رقم تي هٿ صاف ڪري ويا آهن زڪوات کاتي جي ڪامورن خلاف ڪاروائي ڪري معذورن جو زڪوات فنڊ جاري ڪرايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو