زڪوات نه ملي،معذورن جو زڪوات جي چيئرمين خلاف احتجاج

زڪوات نه ملي،معذورن جو زڪوات جي چيئرمين خلاف احتجاج

دادو(ن سنڌيار)دادو ۾ معذورن جو دادو ضلعي زڪوات چئرمين خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي اعظم ترين،جاويد سنڌي ۽ ٻين چيو ته گذريل 3 سالن کان دادو ضلعي دادو ضلعي اندر يتيمن،بيواهن، معذور کي گذر الائونس نه مليو آهي نه وري ٻيو ڪو وضيفو ڏنو ويو آھي، دادو زڪوات چيئرمين اصل معزورن کي ڇڏي سياسي ماڻهن جي چوڻ تي ڪاغذ ڏيکاريل معذورن کي زڪوات جا پيسا ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري اصل معذور توڙي يتيم ۽ بيواھ فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن،هنن چيو ته اسان هر روز زڪوات آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون پر زڪوات چيئرمين ملي نه ٿو نه وري آفيس ۾ ويهي ٿو جنهن ڪري اسان سڄي ضلعي جا معذور دربدر واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون،هنن چيو ته عشر زڪوات جو صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ دادو معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي اصل حقدارن کي حق ڏياريو وڃي ۽ معذورن ۽ بيواهن،يتيمن جو حق کائيندڙ ۽ ڪرپشن ڪندڙ دادو زڪوات چيئرمين ۽ سندس عملي خلاف اينٽي ڪرپشن ۾ ڪيس داخل ڪري سندس کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو