حيدرآباد ( ن س)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سنڌ يونائيٽد پارٽي جي صدر سيد زين شاهه جي ملاقات ڪئي،سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ سنڌ يونائيٽد پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاهه جي مگسي هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺڪئي وئي.ملاقات ۾ سنڌ جي اهم قومي معاملن تي ڳالھٻولھڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، سنڌ جي زمينن جي والار، کارسر ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي، ۽ ڊجيٽل آدمشماري جي نتيجن تي تفصيلي ڳالھٻولھڪئي وئي.ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ سنڌ جي اندر هڪ سازش تحت سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سندن پيرن هيٺانڌرتيڪڍڻ لاءِ آدمشماري جا ڪوڙا انگ اکر ڏنا ويا آهن، جن کي اسان رد ڪريونٿا. هن وڌيڪ چيو تہ مختلف پروجيڪٽس ۽ پروگرامن جي نالي ۾ سنڌ جي زمين تي والار ڪئي پئي وڃي. اصل ڌرتيڌڻين کان سندن گھر خالي ڪرايا پيا وڃن.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو تہ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي ۽ ٻي طرف وري سنڌو جي پاڻي مٿانڌڙا هڻڻ لاءِ مختلف ڪئنال جوڙڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. بدامني سبب سنڌ جي عوام جي جان مال ۽ عزت محفوظ ناهي، سموري سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي. انهن سڀني براين ۽ مسئلن جي جڙ پ پ پ حڪومت آهي، جيڪا مسلسل اقتدار ۾ رهي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي کپائي رهي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو تہ جيستائين سنڌي قوم متحد ٿي وفاقي پارٽين مان پنھنجي جان آجي نہ ڪرائيندي، تيستائين سنڌ مٿان اهي مصيبتون ختم نہ ٿينديون. سنڌ جي عوام ڪنهن بہ صورت ۾ سنڌ دشمن منصوبن کي ڪاميابٿيڻ نہ ڏيندي.هن چيو تہ سمورين سنڌ دوست ڌرين جا پاڻ ۾ رابطا ۽ ملاقاتون بهتر عمل آهن جيڪي جاري رهڻ گهرجن.ان موقعي تي سنڌ يونائيٽد پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ڊاڪٽر قادر مگسي کي سنڌ يونائيٽد پارٽي پاران 31 جولاءِ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ آل پارٽيزڪانفرنس جي دعوت ڏني. ڊاڪٽر قادر مگسي ان عمل کي وقتائتو قرار ڏيندي ايس ٽي پي پاران شرڪت جو يقين ڏياريو.۽ اھڙو ڪچهرين جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات وقت ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، انعام ڀٽي، ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاھاڻي، ڊاڪٽر سومار مڱريو، قادر چنا، ھوت خان گاڏهي، اعجاز سنڌي موجود ھئا،










