زيلنسڪي اداڪاري کان ملڪ جي صدارت تائين جو سفر

زيلنسڪي اداڪاري کان ملڪ جي صدارت تائين جو سفر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪنهن کي خبر هئي ته ولاديمير زيلنسڪي، اداڪار مان ملڪ جي صدارت تائين پهچندو. هن 2015 جي ٽي وي سيريز سرونٽ آف دي پيپل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، چئن سالن بعد 2019 ۾ يوڪرين جو حقيقي صدر بڻجي ويو. بي بي سي موجب ولاديمير زيلنسڪي سرونٽ آف دي پيپل ۾ هڪ استاد، ويسلي گولوبورو جو ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هن هڪ استاد جي حيثيت سان ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف جذباتي تقرير ڪئي هئي، جنهن کي ماڻهن بيحد پسند ڪيو ۽ کيس ملڪ جي صدارت تي پهچايو. رپورٽ موجب يوڪرين جي صدر پنهنجي پارٽي جو نالو ان ئي ٽي وي پروگرام سرونٽ آف دي پيپل رکيو  ۽ ”ڪرپشن ختم ڪرڻ ۽ ملڪ جي اڀرندي حصي ۾ امن بحال ڪرڻ “ جي نعري هيٺ مهم هلائي. ولاديمير زيلنسڪي يوڪرين جي شهر ڪريويرخ ۾ پيدا ٿيو، يهودي والدين جي گهر ۾، هن گادي واري شهر ڪيف ۾ نيشنل اڪنامڪ يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي، پر اداڪاري ۾ دلچسپي ورتي ۽ ان فيلڊ کي چونڊيو. زيلنسڪي 2003 ۾ هڪ پروڊڪشن ڪمپني ٺاهي ۽ مزاحيه ٽيم جو نالو رکيو ”ڪروٽل 95“. 2010 تائين ولاديمير زيلنسڪي جو ڌيان پنهنجي ٽي وي ڪيريئر تي هو. 2019 جي صدارتي اليڪشن ۾ ولاديمير زيلنسڪي ان وقت جي صدر پيٽرو پوروشينڪو کي واضح فرق سان شڪست ڏئي ملڪ جو حقيقي صدر بڻجي ويو. هن 73 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا ۽ 20 مئي 2019 تي ملڪ جي ڇهين صدر جي حيثيت سان حلف کنيو، ۽ ساڍا چار ڪروڙ عوام جو اڳواڻ بڻجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو