زمين ۽ دوڪان تي قبضي خلاف احتجاج، انصاف جي گهر

خانپورمھر(آفتاب سيال) ڳوٺ رحمت خان گبول جي رھواسي زميندار خداداد خان گبول پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو آھي تہ خانپورمھر شھر جي گبول مارڪيٽ ۾  منھنجي 5 ايڪڙ زمين آهي جنهن ۾ دڪان پڻ ٺھيل آھن. جنھن مٿان علائقي جي ڏوھارين نظير ولد پٺاڻ گبول، الله رکيو ولد جان محمد ۽ رفيق گبول ھٿيارن جي زور تي قبضو ڪري ورتو آھي ۽  مونکي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن زميندار خداداد خان گبول چيو تہ ڄاڻايل ماڻهو ڏوهاري آھن مٿن مختلف ٿاڻن تي ڪيس پڻ داخل آھن. هن آء جي سنڌ، ڊي جي رينجر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ فوري طور تي سندس قبضو ڇڏائي ڏنو وڃي ۽ مارڪيٽ ۾ پوليس چوڪي قائم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو