زمين جي مالڪي ڇو نٿا ڪريو، چيف جسٽس جي سيڪريٽري کي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ۽ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري جي گول مول جواب تي سخت ڪاوڙ ڪندي چيو ته سنڌ جي زمين جي مالڪي ڇو نٿا ڪريو؟ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، پڇا ڪئي ته ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن جو مالڪ ڪير آهي؟ جنهن تي سيڪريٽري بدر جميل چيو ته ٻيٽن جي زمين پورٽ قاسم کي ڏني هئي. زمين صوبي جي ملڪيت آهي، صوبي وٽ هجڻ گهرجي ها. جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ مان چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي، هجڻ گهرجي ها، ڇو هجڻ گهرجي ها؟ مونکي ٻڌايو ته زمين صوبي جي ملڪيت آهي يا نه؟ جيڪڏهن پورٽ قاسم کي زمين ڏني وئي هئي ته ڪجهه حدون ته مقرر ڪيون وڃن ها؟ صوبي جي زمين جي مالڪي ڇونٿا ڪيو، پنهنجي زمين جي مالڪي ڪيو ٿا ته صوبي جي ڇونه؟ ڇا ٻيٽن جي زمين ڪنهن بلڊر کي ڏئي مال ڪمائڻو آهي؟ اھڙي آفيسر کي سيڪريٽري ٿيڻ جو ڪو حق ناھي جيڪو گول مول جواب ڏئي، اسان چيف سيڪريٽري سنڌ کي سڏايون ٿا، مون کي بليڪ اينڊ وائيٽ جواب گهرجي. سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن جي آس پاس تمر جي ٻيلن جي تحفظ جي حوالي سان به ٻڌڻي ٿي ته ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري اعتراف ڪيو ته ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽ ”پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ“ ناهن. عدالت پاران سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ويو ته انهن ٻيٽن جا ٻيلا ڇو محفوظ ناهن، هتي سڀني جا ڪمرشل مفاد آهن.توهان پيدا سنڌ ۾ ٿيا آهيو ڇا دفن پرڏيهه ۾ ٿيندا؟ عدالت ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن تي تمر جي ٻيلن کي 6 هفتن ۾ ”پروٽيڪٽيڊ فاريسٽ“ ڊڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 6 هفتن بعد عملدرآمد رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته جبران ناصر ۽ شبر احمد ماحوليات جي بهتري، ٻيٽن تي قبضن ۽ تمر جي ٻيلن کي تحفظ ڏيڻ بابت ٻه ڌار ڌار درخواستون داخل ڪيون هيون جن جي ٻڌڻي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو