لاهور (پ ر)نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان (اين جي سي) پاران پاور ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر ۾ رائيٽ آف وي (ROW) سان لاڳاپيل مسئلن تي لَمْز ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين ورڪشاپ منعقد ڪئي وئي۔ هن تقريب ۾ قانوني ماهرن، ترقياتي ڀائيوارن ۽ پاور سيڪٽر سان لاڳاپيل اهم اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي ته جيئن منصوبن لاءِ زمين جي حصول سان لاڳاپيل چئلينجن جي حل لاءِ نوان قانوني ۽ آپريشنل فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي راهه هموار ڪري سگهجي، جيڪي پاڪستان جي بجلي ٽرانسميشن نظام جي بروقت ۽ قابلِ اعتماد فراهمي کي متاثر ڪن ٿا۔
رائيٽ آف وي سان لاڳاپيل مسئلا، خاص طور تي ٽرانسميشن لائينن ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر لاءِ زمين جي حصول ۾ پيش ايندڙ قانوني ۽ عملي مشڪلاتون، پاڪستان ۾ گرڊ جي توسيع جي راهه ۾ سڀ کان وڏين رڪاوٽن مان آهن۔ زمين جي حصول ۾ دير نه صرف لاڳت ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿي پر گرڊ جي ڪارڪردگي کي به متاثر ڪري ٿي ۽ عوام تائين سستي بجلي جي فراهمي ۾ دير جو سبب بڻجي ٿي۔ هي ورڪشاپ انهن چئلينجن جي حل ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جتي ماهرن کي گڏ ڪري هن مسئلي جو مؤثر ۽ منصفاڻو حل ڳولڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔
ورڪشاپ جو افتتاح اين جي سي جي چيف لا آفيسر مس ماريا رفيق ڪيو، جنهن پنهنجي ابتدائي خطاب ۾ ورڪشاپ جي مقصدن کي بيان ڪندي ان کي پاڪستان جي وڌندڙ ٽرانسميشن ضرورتن مطابق مؤثر گورننس ماڊل جي تياري لاءِ هڪ مسلسل ۽ منظم ڪوشش جو آغاز قرار ڏنو۔

Photo NTC
چيئرمين اين جي سي بورڊ ڊاڪٽر فياض احمد چوڌري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته صدين پراڻي قانوني ڍانچي ۾ سڌارا ناگزير آهن۔ اسان کي ردِعمل تي ٻڌل طريقيڪار مان نڪري اڳواٽ قدمن واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، چئلينجن کي اڳواٽ سڃاڻڻو پوندو، پنهنجي نظام کي جديد بڻائڻو پوندو ۽ اهڙا فريم ورڪ تيار ڪرڻا پوندا جيڪي اڄ جي ترقياتي ضرورتن سان هم آهنگ هجن۔
ورڪشاپ دوران ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ هڪ اهم نڪتو 1894ع جي لينڊ ايڪويزيشن ايڪٽ (LAA) ۾ فوري سڌارن جي ضرورت تي زور ڏيڻ هو، جيڪو نوآبادي دور جو قانون آهي ۽ اڄ به پاڪستان ۾ زمين جي حصول کي منظم ڪري ٿو، جڏهن ته اهو موجوده انفراسٽرڪچر ضرورتن سان مطابقت نٿو رکي۔
مهمانِ خاص، چيئرمين سي پي پي اي-جي بورڊ عرفان علي هن ڳالهه تي زور ڏنو ته لينڊ ايڪويزيشن ايڪٽ ۾ سڌارا هاڻي ناگزير ٿي چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته زمين جي مالڪن سان منصفاڻو ۽ برابر رويو رکڻ نه صرف قانوني تقاضو آهي پر هڪ عملي ضرورت پڻ آهي۔ هن چيو ته منصفاڻو رويو شڪايتن ۾ گهٽتائي آڻي ٿو، قانوني تڪرارن کي گهٽائي ٿو ۽ منصوبن جي بروقت تڪميل کي يقيني بڻائي ٿو۔
اين جي سي، جي قانوني صلاحڪار ڊاڪٽر داؤد منير موجوده قانوني فريم ورڪ تي تفصيلي پريزنٽيشن ڏني، جنهن ۾ هن موجوده نظام ۽ عملي ضرورتن جي وچ ۾ موجود فرق کي اجاگر ڪيو ۽ وڏي پيماني تي ٽرانسميشن منصوبن لاءِ جديد رائيٽ آف وي فريم ورڪ جا اهم عنصر پيش ڪيا۔ بين الاقوامي مثالن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهڙو جديد نظام، جيڪو عوامي مفاد ۽ شهري حقن ۾ توازن قائم ڪري،اھو نه صرف وڌيڪ منصفاڻو ۽ عوام دوست هوندو آهي پر ترقياتي هدفن جي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو آهي۔ ورڪشاپ ۾ بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين، اي پي سي ڪنٽريڪٽرز، ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاهور، ماحولياتي تحفظ ايجنسي، عالمي بينڪ ۽ سي پي پي اي-جي جي نمائندن شرڪت ڪري پنهنجي شعبي جا تجربا شيئر ڪيا ۽ عملي رڪاوٽن، قانوني خطري ۽ طريقه ڪار ۾ بهتري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن منصوبن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي۔
مينيجنگ ڊائريڪٽر اين جي سي انجنيئر الطاف حسين ملڪ پنهنجي اختتامي خطاب ۾ قانون سازي ۽ داخلي سڌارن لاءِ اداري جي عزم جو اعادو ڪندي چيو ته زمين جي حصول سان لاڳاپيل قانون فرسوده ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي جاءِ تي نوان قانون آڻڻ ضروري آهن، تنهن هوندي به ڪنهن به نئين فريم ورڪ تحت مؤثر نموني ڪم ڪرڻ لاءِ صرف قانوني سڌارا ڪافي ناهن، پر اسان کي پنهنجي داخلي نظام، منصوبه بندي ۽ مقامي ڪميونٽيز ۽ زمين جي مالڪن سان لاڳاپن کي پڻ مضبوط بڻائڻو پوندو۔










