زميني تڪرار،مرِي ۽ گائنچا برادري جو هڪٻئي خلاف احتجاج

زميني تڪرار،مرِي ۽ گائنچا برادري جو هڪٻئي خلاف احتجاج

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)سن ڀرسان   بااثرن طرفان   زمين کسڻ  ڌمڪين ۽ گھر تي چڙهائي خلاف شير محمد مري  گهر ڀاتين سان گڏ سخت  احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي زمين  جيڪا مون ڇڇر برادري  کي ڏني هئي، ان تي  بااثر  ماڻهن سندن   گهر تي چڙهائي ڪري عورتن ٻارڙن تي تشدد ڪري  زمين گهري رهيا آهن، هنن  وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعلي آفيسرن کان اپيل ڪئي آهي ته مون سان انصاف ڪري، تحفظ فراهم ڪيو وڃي. جڏهن ته ٻئي طرف  پير بخش گائنچو, احسان گائنچو, راحب گائنچو پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته زمين  سندن جي آھي جنھن جا ڪاغذ پڻ وٽن آھن، جنهن کي بااثر  قبضو ڪري  زمين وڪرو ڪري ڇڏي آھي جنھن جو ڪيس ڪورٽ ۾ پڻ ھلندڙ آھي.

انھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اسان ڪنھن جي مٿان تشدد ناھي ڪيو اسان تي ڪوڙو الزام لڳايو ويو آھي انھن چيف جسٽس آف پاڪستان وزير اعلي سنڌ ۽ ايس ايس  پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آھي ته صاف شفاف جاچ ڪرائي اسان کي زمين واپس ڪرائي ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو