زمان پارڪ مان فرار ٿيندڙ 8 شڪين کي حراست ۾ ورتو ويو: پوليس

زمان پارڪ مان فرار ٿيندڙ 8 شڪين کي حراست ۾ ورتو ويو: پوليس

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) حسن جاويد چيو آهي ته زمان پارڪ مان فرار ٿيندڙ 8 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. ايس ايس پي موجب تصديقي اطلاع هئا ته 30 کان 40 ماڻهو زمان پارڪ اندر موجود آهن، 8 شڪين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيڪي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.هن ٻڌايو هاڻ به اطلاع آهن ته زمان پارڪ ۾ شرپسند موجود آهن، زمان پارڪ تي آپريشن بابت حتمي فيصلو اعليٰ آفيسرن جي حڪم تي ٿيندو.سندس چوڻ هو ته ٻيا ماڻهو به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر پوليس کي ڏسي واپس هليا ٿا وڃن، پڪڙيل 8 شڪين کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو