لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب پوليس جي اهلڪارن اهلڪارن کي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته مغلپورا، لعل پل، ڌرمپور ڏانهن ويندڙ عملو زمان پارڪ جو رستو اختيار نه ڪن.آفيسرن چيو ته ڊيوٽي پوائنٽن تي وڃڻ يا واپسي ڪندڙ اهلڪار پنهنجو رستو تبديل ڪن.پوليس اهلڪارن خبردار ڪيو آهي ته سيڪيورٽي اهلڪار زمان پارڪ جي آس پاس يا ان جي ويجهو نه گذرن،اختيارين جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن هن وقت تائين ايليٽ فورس، پوليس ريسپانس يونٽ جي گاڏين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڊيوٽي تان موٽڻ وقت هڪ پوليس اهلڪار کي به تشدد جو نشانو بڻايو ويو.










