زرداري جو رمانڊ، سنڌ ۾ احتجاج، شٽر بند، باهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پولي ڪلينڪ جي ٽن ڊاڪٽرن تي مشتمل ٽيم کان چيڪ اپ ڪرائي نيب اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جسماني رمانڊ لاءِ پيش ڪيو. زرداري کي انتهائي سخت سيڪورٽي جي انتظام ۾ عدالت آندو ويو. احتساب عدالت جي ٻاهران صبح سوير کان پوليس اٽالا مقرر ڪيا ويا هئا. جج محمد ارشد جي عدالت ۾ ڊاڪٽرن جي رپورٽ پيش ڪندي نيب عدالت کي ٻن هفتن جي جسماني رمانڊ استدعا ڪئي. پولي ڪلينڪ جي ڊاڪٽرن کيس جسماني رمانڊ لاءِ فٽ قرار ڏنو آهي. هوڌانهن بلاول ڀٽو پيپلز پارٽي جي صوبائي تنظيمن کي هدايت ڪئي آهي ته هو اهتجاج جي حڪمت عملي جوڙين ۽هاڻي دما دم مسٽ قلندر ٿيندو. سنڌ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج جاري آهن. جيالن ڪجهه شهرن م زوري دڪان بند ڪرايا آهن. ڪنڌڪوٽ ۾ ڏاڏو جکراني جي سربراهي ۾ جلوس ڪڍيو ويو، پڊعيدن، لاکا روڊ، مورو، سڪرنڊ، لاڙڪاڻو، سکر، جيڪب آباد، مدئجي، مٽياري، داد، جوهي، ميهڙ، ڊرگهه بالا، نصيرآباد، ڏوڪري، رتوديرو، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، خانپور مهر، شڪارپور، ڪشمور، خانپور، سانگهڙ، شهدادپور، کپرو، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ، بدين، ٺٽو، ڪراچي مان پڻ جيالن جي احتجاج جا اطلاع آهن. عدالتن جي ڪاروائي جي بائيڪاٽ پڻ ڪجهه شهرن ۾ ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو