زخمي اي ايس آءِ رحيم يار ۾ فوت ٿي ويو

زخمي اي ايس آءِ رحيم يار ۾ فوت ٿي ويو

ڏهرڪي (جھانگيرعالم دايو )سول ڪورٽ ۾ پروسيس سيل انچارج ۽ اي ايس آءِ خالد حسين آرائين زخمن جا سور نه سهندي رحيم يار خان جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي جنهن بعد فوتي اي ايس آءِ جو مڙهه اباڻي ڳوٺ رسول پور آرائين پهچڻ تي سندن گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جنهن جي جنازي نماز ۾ پوليس عملدارن سميت شهرين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي واضع رهي  فوتي اي ايس آءِ خالد حسين آرائين 2 ڏينهن اڳ سول ڪورٽ ٻاهران  موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيو هو جنهن کي  زخمي حالت ۾  رحيم يار خان اسپتال داخل ڪيو ويو هو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو