ر ، ت ۽ ط جي نالن وارن لاءِ ايسٽرولوجي الرٽ جاري

عمرڪوٽ(ن سنڌيار) نامياري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا پيشنگوئي ڪئي آهي ته ر، ت ۽ ط جي حرفن سان شروع ٿيندڙ وارن نالن جي ماڻهن جي طالع ۾ نحس اسٽار مريخ ۽ شمس هڪ هنڌ گڏ ٿيا آهن ۽ انهن جي پريشاني جو وقت 15 ڊسمبر تائين جاري رهندو. هي نحس اسٽار 16 آڪٽوبر تي انهن نالن واري جي طالع ۾ آيا آهن ۽ 15 ڊسمبر تائين رهندا. ان دوران سندن لاءِ مشورو آهي ذهن تڪراري رھندو، ڪاروبار جي ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪشمش رھندي ، دوست يا آفيسر سان تڪرار ٿي سگهي ٿو، گھريلو ، زمين ، قانوني معاملن۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، ڪاوڙ جو بار بار اچڻ، تنھنڪري صبر کان ڪم وٺجي. اڱاري جي ڏينهن گاڙھي شي جو صدقو ڏيڻ بھتر رھندو. ڀڳوانداس جي هي پيشنگوئي هندي ايسٽرولوجي جي لال ڪتاب جي آڌار تي آهي جيڪو انگريزي ايسٽرولوجي کان ڪجهه مختلف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو