ڪوٽڏيجي/ ڪنب (غلام الله سيال ۽ صفدر ) ڪوٽ بنگلو شهر ۾ ساهرن وٽان پنهنجي گهر واري مسمات حسينه کي وٺڻ لاءِ پهتل غلام عباس ڀٽيءَ سان سندس سس مسمات شبيران ۽ گهر واري جي مائٽن سان جهيڙو ٿي پيو، ان دوران غلام عباس ڀٽي پنهنجي گهر واري مسمات حسينه کي زبردستي گهر وٺي وڃڻ لاءِ گِهليندو رهيو ته سندس سس ان عمل کان روڪيندي رهي، جنهن دوران غلام عباس ڀٽيءَ جا ڪپڙا ليڙون ليڙ ٿي ويا.

جهيڙي دوران مسمات حسينه ۽ سندس ماءُ مسمات شبيران جي دانهنُ تي پاڙيسرين جو وڏو انگ پهچي ويو ۽ تماشو ڏسندو رهيو. مسمات حسينه جي وارثن پاران ڪوٽڏيجي پوليس کي اطلاع ڏيڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي غلام عباس ڀٽي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو جتي صحافين سان ڳالهائيندي غلام عباس ڀٽي ٻڌايو ته هڪ سال اڳ سندس شادي حسينه سان ٿي هئي ۽ عيوض ۾ هن پنهنجي ڀاڻيجيءَ جو سڱ مسمات حسينه جي ڀاءُ کي ڏنو هو، مختلف وقتن تي عيوض جي شادين سبب ڪيترائي ڀيرا گهريلو جهيڙا ٿي چڪا آهن ۽ انهيءَ سبب منهنجي گهر واري ناراض ٿي پنهنجي والدين جي گهر ويهي رهي هئي جنهن کي وٺڻ لاءِ آيس ته مون سان ڳالهيون ڪرڻ بدران تماشو بڻايو ويو.**** ڪنب مان ڳوٺ الهوڌايوسيال لڳ پيرگڊو مان رات دير سان شادي شده ناري پروين ڌيء جانب سيال عمر اٽڪل 22 سال جيڪا پنهنجي چاهيندڙ چئن ٻارن جي پيء حاڪم علي سيال سان گهران نڪري وئي آھي جڏھن ته ناريء جي وارثن پاران ٻنهي ڄڻن جي ڳولها جاري آھي.**** ڪنب شھر ۾ ڪويل مارواڙي جو مڙس آندو مارواڙي جي تشدد خلاف سخت احتجاج ڪندي ڪويل مارواڙي سندس ماء لڇمي مارواڙي سميت ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آھي ته آندو ولد بيجو مارواڙي اڳئين گهرواري جي پٽن جي چوڻ تي مسلسل تشدد ڪندو رهي ٿو هن وڌيڪ چيو ته مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي ڪري پنهنجي امڙ لڇمي وٽ پهتي آھيان جڏھن ته مڙس آندو مارواڙي کان ڪورٽ پٽيشن داخل ڪرائي آھي طلاق جي درخواست دائر ڪرڻ کانپوء آندو مارواڙي ۽ ظالم پٽ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن هنن ايس ايس خيرپور کان تحفظ جي گهرُڪئي.










