رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي، 5 رڪني گينگ گرفتار

رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي، 5 رڪني گينگ گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث 5 رڪني گينگ کي گرفتار ڪري ورتو.ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي سعيد آباد ٽائون، نوري قبرستان ۽ گلشن اقبال مان ڦر، چوري ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي مختلف واقعن ۾ ملوث 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ شهريار عرف شيرا، ذيشان عرف ناري، جاويد عرف گرڪين، شهريار عرف شرتا ۽ فرحان شامل آهن، جڏهن ته جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني هٿيار، چوري ٿيل موبائل فون ۽ نقدي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن سعيد آباد، شير شاهه، بني راس، گلشن اقبال ۽ سهراب گوڙ ۾ ڦر، چوري ۽ موبائل فون ڦرڻ جي وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو