ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ پوليس انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون مان ڦر جي ڪيترنئي وارداتن ۾ ملوث ڦورو ٽولي جا 2 ڏوهاري شهاب عرف شيڊو ۽ محمد آصف کي گرفتار ڪري ورتوآهي جوابدارن وٽان عيرقانوني هٿيار ۽ ايمونيشن به هٿ ٿيوآهي رينجرز جي ترجمان مطابق جوابدار ڦر ڪرڻ ۽ ڦر ڪندڙن کي ڪرائي تي هٿيار فراهم ڪرڻ ۾ ملوث آهن جڏهن ته جوابدار چيڪو باغ بلوچستان مان روزانو جي بنياد تي منشيات خريد ڪرڻ ۽ موڪلڻ جو اعتراف ڪيوآهي شروعاتي جاچ دوران جوابدارن اورنگي ٽائون، ناظم آباد، ڪلفٽن، سائيٽ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦر جا 30 کان وڌيڪ ڏوهن ۾ 50 موبائيل فون ۽ هڪ لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.










