ڪراچي: ( اسٽاف رپورٽر ) گلستان جوهر ۾ رينجرز ڪيمپ تي حملي ۾ ملوث سهولتڪارن جو نيٽ ورڪ بي نقاب ڪيو ويو، حملي جي ماسٽر مائنڊ قاري بشير کي رينجرز گرفتار ڪري ورتو.
ڪراچي ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار، آءِ جي سنڌ جاويد عالم، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ، ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 27 جون تي سنڌ رينجرز جي ڪراچي ٽرانسپورٽ ڪمپني تي چئن دهشتگردن حملو ڪيو هو جنهن ۾ ٽن دهشتگردن جو تعلق افغانستان جڏهن ته هڪ جو باجوڙ سان هو جيڪو 20 سال افغانستان ۾ رهيو.
گهرو وزير ٻڌايو ته دهشتگردن جي سمورن هينڊلز افغانستان مان انهن کي هدايتون ڏئي رهيا هئا، دهشتگردن جو مقصد ماڻهن کي يرغمال بنائي جاني نقصان پهچائڻ هو، سنڌ رينجرز جي ڪامياب آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز دشمن جي ناپاڪ ارادن کي شڪست ڏني.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر چيو ته انهي دهشتگردي جي ڪارروائي کي چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريان افغانستان ۾ منصوبه بندي ٿي ٻئي مرحلي ۾ دهشتگردن کي پاڪستان پهچايو ويو، ٽيون مرحلو سهولتڪار گروپ جو هو آخر ۾ هٿيار ۽ خودڪش جيڪٽس فراهم ڪيا ويا. هن چيو ته هڪ خودڪش بمبار جانان افغاني هو، ٻيو باجوڙ جو رهندڙ هو، ٽيون دهشتگرد عمر فاروق افغانستان ڪنڙ جو رهواسي هو ۽ چوٿون دهشتگرد جيڪو زنده گرفتار ٿيو انهي جو صوبي نگرهار سان تعلق آهي.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي چيو ته حملي جي منصوبه بندي ۾ نور ولي، شير علي، سعيد شاهه، جماعت الاحرار جو امير بصير عرف احرار ۽ ٻيا ملوث آهن حملي جو ماسٽر مائنڊ قاري بشير آهي جنهن کي پاڪستان مان افغانستان گهرائي اهو ٽاسڪ ڏنو ويو. رينجرز هڪ ڪارروائي جي دوران قاري بشير کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن حملي جي منصوبه بندي بابت سمورن ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي.
هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ حملي جي لاءِ افغانستان ۾ ئي دهشتگردن جي چونڊ ٿي. دهشتگرد عثمان جيڪو زخمي گرفتار ڪيو ويو انهي اعتراف ڪيو ته انهي کي مختلف ڪيمپس تي تربيت ڏني وئي، دهشتگرد عثمان کي افغانستان جي هڪ يونيورسٽي مان چونڊ ڪيو ويو، دهشتگردن کي ڪراچي پهچڻ کان اڳ افغانستان ۾ ٻن ڪيمپس تي تربيت فراهم ڪئي وئي.
ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر چيو ته مختلف علائقن مان ٿيندي اهي سمورا دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ٿيا، گرفتار زخمي دهشتگرد اعترافي بيان ۾ سمورن تفصيلن کان آگاهه ڪيو آهي. پريس ڪانفرنس جي دوران گرفتار ماسٽر مائنڊ دهشتگرد قاري بشير جو اعترافي وڊيو بيان ۽ خودڪش بمبار جانان جو وڊيو بيان به اسڪرين تي هلايو ويو.
عرفان بهادر ٻڌايو ته بلوچستان جي مختلف علائقن مان ٿيندو اهو گروپ جڏهن شهر ۾ داخل ٿيو اتان کان هڪ گاڏي جي ذريعي دهشتگرد چمڙا چورنگي تائين آيا، قاري بشير دهشتگردن لاءِ ڀاڙي تي ڪمرو حاصل ڪري ڏنو. قاري بشير سميت گڏيل طور تي دهشتگردي جي ڪارروائي ۾ 13 ماڻهو ملوث آهن. دهشتگرد عثمان موٽرسائيڪل تي ويهي موسميات تي وڇي ريڪي ڪئي.
هن چيو ته حملي جي منصوبه بندي ڪندڙ سمورا دهشتگرد افغانستان ۾ موجود آهن، افغانستان ۾ دهشتگردن جون محفوظ پناهه گاهون موجود آهن. دهشتگردن کي باقاعده تربيت ڏئي ڪراچي ۾ حملن جي لاءِ اماڻيو پيو وڃي. قاري بشير پڪيون شاهديون پيش ڪيون آهن. فتنته الخوارج جي لاءِ محفوظ پناهه گاهه جي طور افغان زمين استعمال ٿيندي رهي آهي. افغانستان ۾ دهشتگردن کي تربيت ڏئي پاڪستان ۾ حملن جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته حملي جو ماسٽر مائنڊ قاري بشير گرفتار ٿي چڪو آهي جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. قاري بشير جي موبائل فون مان حملي جي تياري ۽ حملي لاءِ روانگي جون وڊيوز به ملي ويون آهن جنهن ۾ دهشتگردن کي تيار ڪري حملي جي لاءِ نڪرندي ڏسي سگهي ٿو. قاري بشير حملي کان اڳ دهشتگردن کي روانو ڪيو ۽ انهن جي وڊيو ٺاهي.
گرفتار دهشتگرد قاري بشير موجب حملي لاءِ هٿيار سعيد شاهه ڪراچي اماڻيا، احسان لله نالي شخص سمورا هٿيار وصول ڪيا، پهرين مرحلي ۾ ڪلاشنڪوف بعد ۾ دستي بم، فراهم ڪيا ويا، قاري بشير ٻڌايو ته هو هٿيار ڏيندڙن کي سڃاڻيندو نه هو، هٿيار ڏيندڙ گروپ ۾ رحيم آفريدي سميت 6 ماڻهو ملوث آهن.
دهشتگرد قاري بشير وڊيو بيان ۾ چيو ته ٽي ٽي پي ڪمانڊر سعيد شاهه مون سان رابطو ڪري هٿيار پهچائڻ جو ڪم ڏنو. مون لياقت کان سمورا هٿيار وصول ڪيا ۽ ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪراسنگ تي فراهم ڪيا، جڏهن تياري مڪمل ٿي ته قاري بشير دهشتگردن کي ٽيڪسي تي روانو ڪيو، دهشتگرد جانان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو جنهن کان پوءِ 3 ساٿي اندر داخل ٿيا پهريان 2 دهشتگرد پوءِ ٽيون دهشتگرد داخل ٿيو.










