ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) سنڌ رينجرس 82 ونگ پاران ڪچي جي علائقي ٽوڙي بنگلي ۾ ھڪ ڏينھن لا۽ فري ميڊيڪل ڪئمپ جو انعقاد ڪيو ويو جنھنجو افتتاح ونگ ڪمانڊر ڪرنل عامر خان ۽ ايس.ايس.پي ڪشمور سيد اسد رضا شاه پاران ڪيو ويو.جنھن ۾ ڀرپاسي جي پنج سو کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪندي کين مفت دوائون ڏنيون ويون جنھن ۾ مختلف بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن پڻ حصو ورتو.










