ريل مان ڪري فوت ٿيل جو لاش هٿ،پوليس ۾ حد جو تڪرار

ريل مان ڪري فوت ٿيل جو لاش هٿ،پوليس ۾ حد جو تڪرار

ڀرياسٽي سٽي(مجيد ڪيريو) ريلوي ڦاٽڪ ۽ اسپتال ڀرسان اڻڄاتل نوجوان جو منھن چچريل اٹ سڃاتل  لاش هٿ  آيو آهي. ٿاڻي ۽ ريلوي پوليس ۾  حد جي تڪرار سبب لاش ڪيترا ڪلاڪ اس ۾ پيل رهيو. ڪراچي کان پنجاب ويندڙ پٽڙي ڀرسان اڻ ڄاتل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي.  اطلاع تي ڀرياروڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر  پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي لاش تحويل ۾ وٺڻ کان انڪاري بڻيل آهي.  ان سلسلي م ايس ايڇ او ڀرياروڊ سڪندر چانگ ٻڌايو ته نوجوان هلندڙ ريل مان ڪري فوت ٿي ويو آهي  ۽ اهو ريلوي پوليس جي حد آهي.  ايس ايڇ او ريلوي پوليس پڊعيدن محمد يونس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان اچي رهيا آهيو ن جيڪڏهن اسان جي حد م هي واقعو ٿيو آهي ته اسان لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو