ريجنل ھيڊ وفاقي محتسب سيد محمود شاھ پاران کلي ڪچھري

ريجنل ھيڊ وفاقي محتسب سيد محمود شاھ پاران کلي ڪچھري

شڪارپور(ن سنڌيار) ريجنل ھيڊ وفاقي محتسب سيد محمود شاھ پاران کلي ڪچھري, خبر موجب وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي جي ھدايت تي سيد محمود علي شاھ ريجنل ھيڊ وفاقي محتسب سکر پاران سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني سيپڪو سرڪل لاڙڪاڻو جي خلاف داخل شڪايتن تي لاڙڪاڻي ۾ کلي ڪچھري آئوٽ ريچ ڪمپلينٽ ريزوليشن جي تحت سماعت ڪئي, سيپڪو جي طرفان ريوينو آفيسر سيپڪو ڊويزن لاڙڪاڻو, نصير آباد, رتوديرو, نوديرو شرڪت ڪئي, سيد محمود علي شاھ شڪايتن جو فيصلو ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته فيصلا ڪيل شڪايتن تي سيپڪو عملدار 30 ڏينھن جي اندر عملدرآمد ڪرائيندا, ٻئي صورت ۾ عملدرآمد نه ڪرڻ جو ڪيس وفاق محتسب کي موڪليو ويندو ۽ حڪم تي عمل نه ڪندڙ آفيسر جي خلاف ڪاروائي جي درخواست ڪئي ويندي, جڏھن ته آخر ۾ شڪايتن تي عمل درآمد ۾ دير ڪرڻ تي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي جي برھمي کان آگاھ ڪيو, فيصلن تي بروقت عمل درآمد ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ٻئي صورت ۾ لاپرواھي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو