نوشھروفيروز (ن سنڌيار) ريجنل محتسب آفيس نوشھروفيروز جي ڪنسلٽنٽ ۽ انچارج احمد بخش گھمرو صوبائي محتسب اعليٰ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي ھدايتن تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس نوشھروفيروز ۾ ھڪ کليل ڪچھري جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر امجد مغل ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر غلام رسول منگسي ۽ ٻيا آفيسر موجود ھئا. ان موقعي تي محستب آفيس جي انچارج ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي عملدارن کي چيو تہ سڀني سرڪاري ملازمن جون پگھارون ، جي پي فنڊ، ايل پي آر، ڪميوٽيشن جي بلن ۽ پينشنرز جون پينشنون بروقت ادا ڪيون وڃن.۽ خزاني آفيس ايندڙ ماڻھن جي سھولت لاءِ تمام گھربل انتظام ڪيا وڃن. ھن چيو تہ ھن کليل ڪچھري جو مقصد سرڪاري ملازمن توڙي ريٽائرڊ ملازمن ۽ پيشنرن کي وڌ مان وڌ سھولت پھچائڻ آھي. ھن ضلعي جي سڀني سرڪاري کاتن جي آفيسرن کي اپيل ڪئي تہ ڪنھن بہ ملازم يا پيشنر جو اگر ڪوبہ جائز مسئلو ھجي تہ ھو سندس آفيس ۾ سادي ڪاغذ تي درخواست ڏئي سگھي ٿو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ٻڌايو تہ ريٽائرڊ ملازمن جي ڪميونٽيشن ۽ ايل پي آر جي ادائيگين ۾ بجٽ موجود نہ ھجڻ جي ڪري دير ٿيندي آھي ان کان علاوھ سڀني سرڪاري ملازمن جون پگھارون ۽ پينشن جي بروقت ادائيگي جاري آھي.










