رياست ڪشميري عوام کي راءِ جو آزادانه استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيندي

رياست ڪشميري عوام کي راءِ جو آزادانه استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير (وزير دفاع) خواجه آصف چيو آهي ته رياست ڪشميري عوام کي پنهنجي راءِ جو آزادانه استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيندي. هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته پوليس ۽ سيڪيورٽي عملي کي شهيد ڪيو ويو، لاشن جي بي حرمتي ڪئي وئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي عنصر عوام جي راءِ يعني چونڊن جو رستو اختيار ڪرڻ نٿا چاهين.هن چيو ته عوامي راءِ جي بجاءِ قتل ۽ غارتگريءَ ذريعي پنهنجي راءِ ۽ سوچ مڙهيندڙن جا مقصد ڪجهه ٻيا آهن. خواجه آصف جو چوڻ هو ته رياست مخالف ايجنڊا ۽ تشدد تي پوري قوت سان قانون لاڳو ڪيو ويندو، رياست ڪشميري عوام کي پنهنجي راءِ جو آزادانه استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو