ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ريئر ايڊمرل محمد سليم ڪمانڊر ڪراچي (ڪامڪر) جي عهدي جي تبديلي جي تقريب ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. ريئر ايڊمرل ميان ذاڪر الله جان نئين مقرر ٿيل ڪمانڊر ڪراچي کي ڪمانڊ سونپي،ريئر ايڊمرل محمد سليم پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جو گريجوئيٽ آهي. ايڊمرل وٽ شاندار بحري ڪيريئر آهي جنهن ۾ مختلف ڪمانڊ ۽ اسٽاف جي مقررين جو وسيع تجربو آهي. سندس شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ايڊمرل کي حڪومت پاڪستان طرفان هلال امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو.ڪمانڊ جي تبديلي واري تقريب ۾ پاڪستان نيوي جي آفيسرن، سي پي اوز/ ملاحن ۽ نيوي جي سويلين شرڪت ڪئي.










