روڊ حادثو، عورت سميت 2 معصوم ٻارڙا سخت زخمي

روڊ حادثو، عورت سميت 2 معصوم ٻارڙا سخت زخمي

ٺٽو(ن س) ٺٽي جي ساحلي پٽي جي ڪوسٽل ھاء وي ڀرسان ٽريڪٽر ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت، عورت سميت 2 معصوم ٻارڙا سخت زخمي، زخمي اسپتال منتقل، تفصيل موجب ٺٽي جي ساحلي پٽي جي ڪوسٽل ھاء وي تي ٽريڪٽر پاران موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ھڻي ڪڍيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار سڪندر علي ملاح موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تہ حميره زال سڪندر ۽ 2 ٻارڙا راجو ۽ اويس ملاح سخت زخمي ٿي پيا، فوتي جو لاش ۽ زخمين کي گھارو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد پوليس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ سمورا زخمي علاج ھيٺ آھن. جن مان زخمي عورت حميرہ جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاء ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو اھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو