روڊ بند، کاڌ خوراڪ جون 25 هزار گاڏيون ڦاٿل: ٽرانسپورٽر

روڊ بند، کاڌ خوراڪ جون 25 هزار گاڏيون ڦاٿل: ٽرانسپورٽر

لاهور (م ڊ) پاڪستان ٽرانسپورٽ ڪائونسل جي مرڪزي صدر تنوير احمد جٽ جو چوڻ آهي ته 5 ڏينهن کان روڊ بند هجڻ سبب کاڌ خوراڪ سان ڀريل 25 هزار مال بردار ٽرينون بند پيل آهن.هڪ بيان ۾ تنوير احمد جت چيو ته 25 هزار مال بردار گاڏيون کاڌي پيتي سان ڀريل آهن، مال بردار ٽرينون بند هجڻ سبب کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي ۽ قيمتون وڌي ويون آهن.تنوير احمد جت چيو ته سکر، نوشهروفيروز، ڪنڊيارو، ڀريا ۽ خيرپور ۾ مال گاڏيون ڦريون ويون آهن، ڊرائيورن تي تشدد ۽ فائرنگ جا واقعا به سامهون اچي رهيا آهن.هن چيو ته لاڳاپيل انتظاميا، پيٽرولنگ پوليس ۽ موٽر وي پوليس تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ ۽ گاڏيون پارڪ ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته ڊرائيورن ۽ گاڏين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو