بوزداروڏا (ن سنڌيار) بوزداروڏا ۾ ٽائون ڪاميٽي انتظاميه پاران روڊن رستن ۽ قبرستان مان پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف شهرين جو محمد علي بوزدار.نديم انصاري ساجد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب بوزداروڏا کان ناڪه چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪندي راڻيپور- بوزداروڏا روڊ بند ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته محرم الحرام شرو ٿي ويو آهي پر ٽائون انتظاميه روڊن رستن ۽ شهر جي مين انڌڙي قبرستان مان پاڻي ناهي ڪڍرائي سگهي جڏهن ته ٽائون آفيس پرائيويٽ ۽ رٽائر ملازم وٽ يرغمال آهي جيڪو پنهنجا نوازيو پاليسي تحت ڪم ڪرائي رهيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته بوزداروڏا شهر ۾ محرم الحرام جي حوالي سان ڪو به ڪم ناهي ٿيو ۽ روڊن رستن تي اڃا پاڻي بيٺل آهي ۽ لائيٽنگ صرف من پسند ماڻهن جي گهٽين ۾ ٿي آهي هنن وڌيڪ وڏي وزير سميت اعلئ اختيارين کان نوٽيس وٺي نااهل ٽائون آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ مهراڻ هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويندو










