سوات(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 10 ارب رپين جي امداد جو اعلان پڻ ڪيو.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي حڪومت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جي اعلان تي شڪر گذار آهيون.وزيراعظم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي سانحو تمام وڏو آهي جنهن ۾ لکين ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن، ڏکايل انسانيت جي مدد ڪرڻ لاءِ دنيا جي سڀني دوستن کي ضرورت آهي، اسان جو ٿورائتو آهيان.سوات ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن ايف ڊبليو او کي هدايت ڪئي آهي ته ٽٽل روڊن کي هنگامي بنيادن تي بحال ڪيو وڃي، جيڪو ڪم مان پنهنجي نگراني ۾ ڪندس.شهباز شريف چيو ته متاثرن جي مدد لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي روڊن جي بحالي واري ڪم ۾ مصروف آهن، سياحن کي بچائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر فراهم ڪرڻ تي آرمي چيف جا شڪر گذار آهيون.وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت اين ڊي ايم اي لاءِ 28 ارب رپيا فراهم ڪيا آهن، هر متاثر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته هن سنڌ لاءِ 15 ارب ۽ بلوچستان لاءِ 10 ارب رپيا امداد جو اعلان ڪيو، هن خيبرپختونخواهه لاءِ به 10 ارب رپيا امداد جو اعلان ڪيو.










