روهڙي ڪينال جو قئنچي گيٽ زبون، تباهي جو انديشو،احتجاج

روهڙي ڪينال جو قئنچي گيٽ زبون، تباهي جو انديشو،احتجاج

ٺاروشاهه (ن س) روهڙي ڪئنال ڀريا جو قئنچي گيٽ ناڪارا ٿي ويو، سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين ت بيٺل فصل جي ٻڏڻ جو خطرو ، جاني ۽ مالي نقصان جو به خطرو پيدا ٿي پيو آهي. شڪاتن جي باوجود آبپاشي عملي ڪو قدم ناهي کنيو. مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رانا اشرف راجپوت، امين الدين راجپوت ۽ رانا ساجد علي جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو . جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روهڙي ڪئنال ڀريا جي مين قئنچي گيٽ ۾ جڳاڙي ڪم ٿيل آهي جيڪا ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿي. هنن چيو ته ڦوري طور تي مين روهڙي ڪئنال جي متاثره گيٽ جي مرمت ڪرائي نقصان کان بچايو وڃي ۽ ايريگيشن جي عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو