روهڙي: ٽرين جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل پيرسن عورت فوت

روهڙي: ٽرين جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل پيرسن عورت فوت

روهڙي (رپورٽر عبدالقدوس مھر) روھڙي ڀرسان ٿرمل سنڌو درياءِ پل وٽ ٽرين جي انجڻ جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿيل پيرسن عورت ذوليخان شيخ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.ياد رهي ته صبح جو روهڙي کان سکر ويندڙ ٽرين جي انجڻ ريلوي ٽريڪ ڪراس ڪندي پيرسن عورت کي ٽڪر هنيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻئي ڄنگهون ڪٽجي ويون هيون ۽ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. مقامي ذريعن موجب گذريل هڪ هفتي دوران روهڙي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پيش آيل ريلوي حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌي چار ٿي ويو آهي. فوتين ۾ ٻه ڄڻا جتوئي برادري سان تعلق رکندڙ، هڪ عورت مستوئي برادري سان تعلق رکندڙ ۽ پيرسن عورت ذوليخان شيخ شامل آهن. علائقي واسين ريلوي ٽريڪ تي وڌندڙ حادثن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان حفاظتي اپاءَ سخت ڪرڻ ۽ انساني جاني نقصان روڪڻ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو