دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، سڄو شھر رولو ۽ ڇتن ڪتن سان ڀريل، شھر جي مختلف چوراھن ۽ شھر جي پنجن وارڊن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جا ڪيترائي ولر موجود، روزانو ڪيترائي شھري رولو ڪتن جي ڏھاڙڻ جو شڪار ٿيڻ لڳا، رولو ڪتن جي آزار سبب شھري ۽ اسڪولن ۾ ايندڙ ويندڙ ٻار سخت خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، شھر جي ھر گھٽي ۽ محلي ۾ موجود ڌڪ لڳل رولو ڪتن جي آزار سبب شھرين سخت خوف ۾ اچڻ کانپوء پنھنجن ٻارن کي گھرن کان ٻاھر ڪڍڻ بند ڪري ڇڏيو آھي، دڙو جي ٽائون ڪميٽي انتظاميا رولو ڪتن جي آزار کي ختم ڪرڻ لاء ڪي بہ قدم نہ کنيا، ھوڏانھن دڙو جي شھرين طرفان جلد کان جلد رولو ۽ ڇتن جي آزار کي ختم ڪرڻ لاء ھنگامي اپاء وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي،










