رولو ڪتن جو آزار، چيئرمين چوي ٿو ڪتا مارن پاپ آهي !

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو) ٻن مهينن کان ڪتا مار مهم شروع نه ٿئي رولو ڪتا ڌڻن جي صورت ۾ شهر ۾ گهمڻ لڳا، هڪ مهيني دوران تعلقي ڪلوئي ۾ رولو ڪتن پنجٽهيه ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو  جڏهن ته ٻن درجن جي لڳ ڀڳ چوپايو مال کي پڻ رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪيو آهي.  رهواسي خوف ۾ وٺجي ويا، اسڪول ويندڙ ٻار به پريشان آهن. ٻن درجن کان به وڌيڪ ٻڪرين رڍن کي رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو ان سلسلي ۾ علائقي واسين عارف نهڙيو ستار لنڊ فتع خان سنگراسي عزيزهالو عمر منطور نهڙيو  ۽ ٻين چيو ته ڪاسائي ۽ مرغي فروش جڳه جڳه تي دوڪان کوليو ويٺا آهن ۽ سندن اڇلايل هڏن ۽ ڇيڇڙن، آنڊن وغيره سبب ڪتن جو تعداد وڌي ويو آهي. هنن چيو ته اسان ڪافي دفعا ٽائون چيئرمين کي دانهيو آھي جيڪو چوي ٿو ته ڪتا مارڻ پاپ آھي آئون ڪتا نٿو مارائي سگهان. هنن چيو ته اسان وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون  ته مهرباني ڪري ڪلوئي تعلقي ۾ رولو ڪتا مارائي رهواسين کي آزار کان بچايو وڃي. هوڏانهن صحافين پاران ٽائون چيئرمين موهن لال ميگهواڙ  سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو ميڊيا جي نمائندن جو نمبر بار بار بزي ڪندو رهيو،  جنهن ڪري سندس موقف سامهون نه اچي سگهيو . هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڪلوئي رورل اسپتال جي انچارچ ڊاڪٽر ڀوڄو مل چيو ته هڪ مهيني دوران اسان وٽ ڪتي جي چڪ وارا ڪل پنجهٽيه مريض آيا آهن جن مان ويهه ڄڻن کي اسان وئڪسين ڪئي باقين کي ويڪسين شارٽ ھئڻ ڪري ٻين اسپتالن ڏي ريفر ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو