سنگاپور(ويب ڊيسڪ)عالمي تيل جون قيمتون 2008 کان وٺي هاڻوڪي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن. واپار دوران برينٽ ڪروڊ 128 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو، جڏهن ته WTI خام تيل 124 ڊالر في بيرل تي پهتو آهي. گيس جي قيمت 5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي سطح عبور ڪري وئي آهي جڏهن ته سون جي قيمت ۾ به واڌ جو رجحان آهي ۽ سون جي في اونس قيمت 2 هزار ڊالرتائين پهچي وئي آهي. ڪڻڪ جو اگهه به وڌي ويو آهي ۽ واپار دوران ڪڻڪ جي اگهه ۾ 7 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ياد رهي ته روس جي يوڪرين تي حملي کان پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ شين جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان جاري آهي.جنهن سبب دنيا ۾ مسلسل مهانگائي وڌي رهي آهي.










