نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته روس-يوڪرين جنگ جو ڪو به فوجي حل ناهي، ڌرين کي علائقائي سلامتي جو خيال رکڻ گهرجي.روس-يوڪرين جنگ جي چار سال مڪمل ٿيڻ تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي عاصم افتخار چيو ته پاڪستان تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين تي زور ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن صرف بامعني ڳالهين ذريعي ئي اچي سگهي ٿو، ۽ اميد آهي ته ڌريون سفارتڪاري ذريعي مسئلي جو پرامن حل ڳولينديون.ٻئي طرف، پيرس ۾ ايفل ٽاور کي يوڪرين جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ يوڪريني جهنڊي جي رنگن ۾ روشن ڪيو ويو.










