ماسڪو (ويب ڊيسڪ)روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته ايران جنگ جي ڪري توانائي جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ روس يورپ کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ تي غور ڪري سگهي ٿو.پنهنجي بيان ۾، هن چيو ته يورپي يونين روسي گئس ۽ ايل اين جي تي پابنديون لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي.پيوٽن چيو ته جيڪڏهن روسي گئس ۽ تيل تي پابنديون لاڳو ڪيون وڃن ته روس لاءِ ٻين مارڪيٽن ڏانهن رخ ڪرڻ فائديمند ٿي سگهي ٿو.پرڏيهي ميڊيا موجب، جيئن يورپ جو روسي توانائي تي انحصار گهٽجي رهيو آهي، ماسڪو چين سميت ٻين مارڪيٽن ڏانهن وڌي رهيو آهي.










