روس جي اندر حملن جي حمايت نٿا ڪريون: آمريڪا

روس جي اندر حملن جي حمايت نٿا ڪريون: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ماسڪو ڊرون حملن تي آمريڪا جو چوڻ آهي ته هو روس اندر حملن جي حمايت نٿو ڪري، اسان جو ڌيان يوڪرين جي مدد ڪرڻ تي آهي.وائيٽ هائوس چيو ته جڏهن ماسڪو ڊرون حملن بابت معلومات گڏ ڪري رهيو هو، آمريڪا جو ڌيان يوڪرين جي خودمختيار علائقي جي مدد ۽ ٻيهر حاصل ڪرڻ تي هو.روسي بچاءَ واري وزارت موجب يوڪرين ماسڪو تي 8 ڊرون حملا ڪيا، سمورا ڊرون روسي ايئر ڊفينس سسٽم ذريعي ڪيرايا ويا، حملن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو