روس اسٽيل مل بحالي لاءِ مدد جي آڇ ڪري ڇڏي

روس اسٽيل مل بحالي لاءِ مدد جي آڇ ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) روس اسٽيل مل جي بحالي لاءِ مدد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ڪائونسل آن فارم ريليشن جي پاڪ روس لاڳاپن بابت تقريب ۾ روسي قونصل جنرل وڪٽرووچ شريڪ ٿيو ۽ ڳالهه ٻولهه ڪيائين.روسي قونصل جنرل جو چوڻ هو ته پاڪستان اسٽيل مل جو قيام ٻنهي ملڪن جي سهڪار جو مثال آهي، اسٽيل مل ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ قائم ٿي. هن چيو ته پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن سان روس ڊپلوميٽڪ ويزا تي سهڪار ڪيو، گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 3 مختلف حڪومتون رهيون پر پاڪستان سان سفارتي لاڳاپن ۾ ڪا تبديلي نه آئي. سندس چوڻ هو ته اسان جي سربراهن پاڪستان کي فوڊ سيڪيورٽي ۾ سهڪار لاءِ به آڇ ڪئي آهي، روسي قونصل جنرل آڇ ڪئي ته اسٽيل مل جي بحالي لاءِ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومت ۽ انتظاميا طرفان سنجيدگي جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو