اوٻاوڙو(اسد گهنڃو) سنڌ جي پنجاب سان دنگائي تعلقي اوٻاوڙو لڳ رائونتي جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس 3 چين وارين اي پي سي بڪتربند گاڏيون ۽ 12 پوليس موبائيل گاڏيون ساڻ ڪري ڳوٺ عمر خان شر تي چڙهائي ڪري ڏني. ڳوٺاڻن پنجاب پوليس کي ڏسندي مٿن جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني. پنجاب پوليس به جوابي فائرنگ ڪري ڏني ٻنهي پاسن کان جديد هٿيارن سان فائرنگ هلڻ ڪري بگٽين جي شهباڻي برادري جي اٺن سالن جي نينگري سمي جيڪا گاهه ڪري رهي هئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿئي پئي جنهن کي وارث ھلندي فائرنگ ۾ تعلقي اسپتال کڻائي ويا جتان نيگري جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري رحيم يار خان جي اسپتال ريفر ڪيو ويو. هوڏانهن پنجاب پوليس ۽ شر برادري ۾ مسلسل هڪ ڪلاڪ فائرنگ هلڻ ڪري علائقو جنگ جو ميدان بڻجڻ ڪري علائقي واسي خوف وچان پنهجي گهرن تائين محدود ٿي ويا. پنجاب پوليس ڪاروائي جو ڪارڻ ڪجھ مهينا پهريون شر سيلرا تڪرار ۾ سيلرا برادري جي ٽن نوجوانن جي قتل ۾ ملوٽ جوابدار جي گرفتار ڪرڻ جو ٻڌايوآهي. ٻئي پاسي گهوٽڪي پوليس پنجاب پوليس تي ٿيدڙ فائرنگ جو ڏيڍ ڪلو ميٽر پري بيهي تماشو ڏسندي رهي هوڏانهن پنجاب پوليس مسلسل ڏيڍ ڪلاڪ جي مزاحمت کان پوء بڪتر بند گاڏي جي چين ٽٽڻ ڪري واپس هلي وئي.
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران