رهائشي علائقن ۾ تجارتي سرگرميون، آفيسرن جا وارنٽ جاري

رهائشي علائقن ۾ تجارتي سرگرميون، آفيسرن جا وارنٽ جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪلفٽن جي رهائشي علائقي ۾ ڪمرشل سرگرمين خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي جي سيپا ۽ ڊي جي ڪي ڊي اي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت ٻنهي آفيسرن جي گرفتاري ۽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.عدالت چيو ته ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن.ايس بي سي اي جي وڪيل چيو ته ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪالهه چارج سنڀالي، اسان عدالتي حڪم تي سختي سان عمل ڪنداسين. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ايس بي سي اي کي رپورٽ سان گڏ طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو