ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ مسجد نبوي واقعي تي سخت ردعمل ڏيندي واقعي جي مذمت ڪئي آهي. صوبائي وزير چيو ته رمضان شريف ۽ محرم الحرام ۾ ڪافر بہ جنگ ناھن ڪندا. افسوس آهي جو رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ پي ٽي آئي مسجد نبوي ۾ سڀ حدون اورانگهي ڇڏيون آهن. صوبائي وزير ٽوئيٽ ۾ چيو ته مسجد نبوي صلعم جي توھين نا منظور. ھن چيو ته جنھن مقدس مقام تي وڏي آواز ۾ ڳالھائڻ جي بہ اجازت ناھي ، ان مقام تي اھا حرڪت ڪئي وئي آهي. اڄ پاڪستانين جا ڪنڌ پشيماني ۾ جھڪي ويا آهن. جيڪي روضه رسول صه جو احترام نہ ٿا رکن ، انھن لاء ملڪ ۽ قوم جو وقار ڪابہ اھميت نہ ٿو. رب پاڪ انھن ماڻھن کي هدايت فرمائي.










