رمضان المبارڪ کان اڳ ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن ۾ واڌ

رمضان المبارڪ کان اڳ ڀاڄين ۽ ميون جي اگهن ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ رمضان المبارڪ کان اڳ ڀاڄين ۽ ميون جا اگهه وڌي ويا. مارڪيٽ ذريعن موجب لاهور ۾ پياز جو اگهه 250 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ادرک 600 رپيا في ڪلو ۽ لسن650 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽماٽو 200 رپيا في ڪلو، ليمون 160 رپيا في ڪلو، مٽر 120 رپيا في ڪلو، آلو 70 رپيا في ڪلو ۽ گاجر 60 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.شهر ۾ ڪيپسڪم 250 رپيا في ڪلو، بينگن 150 رپيا في ڪلو، سائي مرچ 100 رپيا في ڪلو ۽ ڪدو 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي.مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته انب 200 کان 300 رپيا في ڪلو، خربوزه 200 رپيا في ڪلو، ڪيلو 180 رپيا في درجن ۽ ڪينو 300 رپيا في درجن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو