رستن جي بندش خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

رستن جي بندش خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جو لانگ روڪڻ لاءِ رستن جي بندش ۽ ڇاپن خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ سڀاڻي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي به بئنچ جو حصو هوندا.واضح رهي ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ اسلام آباد کي سيل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پنجاب کان اسلام آباد ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو